حميد نظامي

حميد نظامي

حميد نظامي

حميد نظامي: ناليوارو صحافي ۽ تحريڪِ پاڪستان جو اڳواڻ حميد نظامي، 3 جنوري 1915ع تي سانگلا هل (شيخوپوره) ۾ پيدا ٿيو. سانگلا هِل مان مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ 1932ع ڌاري لاهور هليو ويو، جتي اسلاميه ڪاليج مان بي. اي ڪرڻ کانپوءِ هن ڪرسچن ڪاليج فارمين لاهور مان ايم. اي انگريزيءَ ۾ ڪئي. شاگرديءَ واري زماني دوران سياسي ۽ ادبي رسالي ’ماهوار سربان‘ جو نائب ايڊيٽر مقرر ٿيو. مارچ 1940ع ۾ هن پندرهن روزه اخبار ’نواءِ وقت‘ شروع ڪئي، جيڪا اڳتي هلي روزاني اخبار جي صورت ۾ لاهور مان شايع ٿيڻ لڳي. پاڪستان جي آزاديءَ واري تحريڪ ۾ هن اخبار جو چڱو ڪردار رهيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ ان اخبار ذريعي حڪومت جي غلط پاليسين تي تنقيد ڪندو رهيو. ون يونٽ جو حامي رهيو.
حميد نظامي 25 فيبروري 1962ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ حميد نظاميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1915.01.03  عيسوي

ناليوارو صحافي ۽ تحريڪِ پاڪستان جو اڳواڻ حميد نظامي، 3 جنوري 1915ع تي سانگلا هل (شيخوپوره) ۾ پيدا ٿيو.


1962.02.25  عيسوي

حميد نظامي 25 فيبروري 1962ع تي وفات ڪري ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي بخش احمدزئي
اقبال حامد
اخلاق جوکيو
عبدالله ميمڻ
خير محمد نظاماڻي
غلام حسين خاصخيلي
شيخ نظر محمد بسمل
اسد ڀٽي
عبدالغفور سيتائي
خواجه محمد شريف طوسي
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون